خدا بخش خان ٽالپر ’ضياء‘

خدا بخش خان ٽالپر ’ضياء‘

خدا بخش خان ٽالپر ضياء

خدا بخش خان ٽالپر ’ضياء‘: مير خدابخش خان ٽالپر ’ضياء‘،مير شهداد خان ٽالپر جي وڏي فرزند ڄام نندي خان ٽالپر جي اولاد مان هو ۽ مير خير محمد خان بن ڄام فيروز خان جو پٽ هو. مير خير محمد خان،مير سهراب خان سان گڏجي خيرپور جي حدن ۾ آيو ۽ سوڀي ديري جي ڀرسان ڳوٺ ٻڌي اتي اچي رهائش اختيار ڪيائين. هي خيرپور جي رياست جي مصاحبن ۾ شامل هو. سوڀي ديري ۾ پنهنجي زمين کان سواءِ نوي ايڪڙ زمين سُکئي خان مڱڻيجي ۽ شادي خان مڱڻيجي کان خريد ڪيائين، ان کان سواءِ مير سهراب خان پڻ هن کي محبت ديري جتوئيءَ ۾ جاگير عطا ڪئي. مير خدابخش خان ٽالپر جي ڄمڻ جي تاريخ معلوم نه آهي، پر هن 1320هه/ 1902ع ۾ وفات ڪئي. مير صاحب جي عمر لڳ ڀڳ سؤ ورهيه هئي. مير صاحب هڪ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام ۽ نادر ڪتابن جو ذخيرو اولاد جي بي ڌيانيءَ سبب اڏوهيءَ جي نذر ٿي ويو. سندس سڄو ڪلام ۽ ٻيون تصنيفون فارسيءَ ۾هيون. سندس فارسي ڪلام ۾ نعت، حمد، قصيدا ۽ مرثيه شامل هئا. سندس ڪجهه شعر ڪن قلمي بياضن ۾ موجود آهن.
خدابخش سومري جي درگاهه: هيءَ درگاهه سهڙا, ضلعي نوشهري فيروز کان فرلانگ پنڌ تي ڏکڻ طرف موجود آهي. فقير خدا بخش سومرو 1929ع ۾ پيدا ٿيو. فائنل بعد عربي، فارسي ۽ حديث جو علم حاصل ڪيائين. فقير صاحب شروع ۾ ڌوٻڪو ڌنڌو ڪندو هو، بعد ۾ پرائمري استاد ٿيو. عالمن ۽ فقيرن جي صحبت سبب ‘حافظ علي مراد زرداريءَ جو طالب ٿيو. حافظ علي مراد کيس چار ئي طريقا قادريه، چشتيه، نقشبندي ۽ سهروردي طئي ڪرايا. 15 ربيع الثاني 1417هه/1996ع تي وفات ڪيائين. سندس مزار تي مقبرو ٺهرايو ويو ۽ درگاهه قائم ڪئي وئي. فقير خدابخش جو ساليانو ٻارهو سندس درگاهه تي ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان هزارن جي تعداد ۾ سندس طالب شريڪ ٿيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو